ضياءَ الدين احمد عباسي

ضياءَ الدين احمد عباسي

ضياءَ الدين احمد عباسي

ضياءَ الدين احمد عباسي: پاڪستان ۽ ڀارت جي 1965ع واري جنگ جو شهيد ميجر ضياءَالدين احمد عباسي الهه آباد (انڊيا) ۾ پيدا ٿيو. پاڪستان جي قيام بعد سندس خاندان پاڪستان آيو. 1965ع ۾ ڀارت فوج جڏهن پاڪستان جي حدن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي پاڪستان فوج تي گولاباري ڪئي، تڏهن هن پنهنجي ڪمپنيءَ جي ڪمان ڪندي 11 سيپٽمبر 1965ع تي چونڊا سيڪٽر ۾ دشمن فوج تي حملو ڪيو. هن ڀارتي فوج کي پٺ تي هٽائي ٽن ٽريڪن ۽ پنڌ فوجي دستي سان ڀارت جي حد کان 2 هزار گز جي فاصلي تي پهتو، جتي مخالف فوج جي وڏي لشڪر طرف اڳتي وڌي رهيو هو ته مخالف فوج پاران هلايل گولو سندس سيني تي اچي لڳو ۽ شهيد ٿي ويو. سندس وطن خاطر قرباني ۽ بهادريءَ جي مڃتا طور حڪومت پاڪستان کيس”ستاره جرئت“ سان نوازيو. ڪراچيءَ ۾ قائم هڪ اسپتال کي سندس نالي سان منسوب ڪندي ”عباسي شهيد اسپتال“ نالو رکيو ويو، اها اسپتال اڄ به ڪراچي ۾ موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو